هاري مارچ حڪومت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو: نويد قمر

ڪراچي(پ ر) پ پ ايم اين اي نويد قمر چيو آهي ته آبادگار يوريا جي اصل اگه کان ٻيڻي ٽيڻي اگهه تي يوريا خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، پي ٽي آءِ جي وفاقي سرڪار جي نااهلي ۽ بدانتظامي سان زرعي معيشت جو مستقبل خطري ۾ آهي، هڪ بيان ۾ هن چيو ته پ پ هارين کان ماني جو گرهه کسڻ وارڻ خلاف هارين جي جدوجهد سان گڏ آهي، قومي ٽريڪٽر مارچ نااهل وفاقي حڪومت جي پاليسين خلاف سنگ ميل ثابت ٿيندو، پي ٽي آءِ سرڪار ملڪ کي شديد معاشي ۽ انتظامي بحرانن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي،هن چيو ته  وفاقي سرڪار پنهنجون پاليسيون ٺيڪ نٿي ڪري سگهي ته عوام جي جان ڇڏي ڏئي، ملڪ ۾ اڳ ئي سخت مهانگائي، گئس ۽ تيل جو بحران آهي، هاڻي خوراڪ جي بحران جو خطرو به ڪُر کڻي رهيو آهي،هن چيو ته وزيراعظم، هن جا وزير ۽ ترجمانن جي فوج هاڻي ڪوڙ ڳالهائڻ بند ڪري، پاڪستان جو عوام پي ٽي آءِ جي نااهل حڪومت مان تنگ اچي چڪو آهي، هن چيو ته هاري مارچ بيساکين جي سهاري بيٺل نااهل پي ٽي آءِ حڪومت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو، پ پ هارين جي مشڪلات جي حل لاءِ جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.