ڪيٽي بندر: هوڙا ٻڏڻ ڪري گم ٿي ويل مهاڻن مان هڪ جو لاش هٿ، انگ 2 ٿي ويو

ڪيٽي بندر: هوڙا ٻڏڻ ڪري گم ٿي ويل مهاڻن مان هڪ جو لاش هٿ، ٻين جو ڳولا جاري

ڪيٽي بندر ويجھو هوڙا ٻڏي وڃڻ ڪري گم ٿي ويل مهاڻن مان وڌيڪ هڪ ڄڻي جو لاش مليو، جڏهن ته وڌيڪ 11 مهاڻن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي.

گذريل ڏينهن حجامڙو ڪريڪ وٽ تيز هوائن سبب 3 هوڙا ڪرڻ سبب ٻڏي گم ٿي ويل مهاڻن مان وڌيڪ هڪ مهاڻو جو لاش هٿ مليو، جنهن جي سڃاڻپ ڪراچي واسي عبدالرحمان بنگالي طور ڪئي وئي.

هوڙا ڪرڻ سبب ٻڏي ويلن مان هن وقت تائين 35مهاڻن کي حفاظت سان ريسڪيو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 11ڄڻا اڃا تائين گم آهي، جن جي ڳولا لاءِ نيوي، ضلعي انتظاميا ۽ پوليس جي مدد سان اڄ صبح ٻيهر کان ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن 21جنوري کان شروع ٿيل تيز هوائن سبب سمنڊ ۾ مڇي جي شڪار ويل 3هوڙا ڪري ٻڏي ويا هئا، جن ۾ 46مهاڻا سوار هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.