وڳڻ جي جوڙي پسند پرڻو ڪري ڇڏيو، تحفظ جي گھر

لعلورائنڪ (ن ع آ) لعلورائنڪ لڳ وڳڻ شھر جي وڳڻ محلا جي رھواسڻ روزينا ڌيءٔ فياض علي وڳڻ ۽ صالحپور محلي واسي نوجوان فاروق علي ولد محمود چانڊيو  پاران ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو ان سلسلي ۾ مسمات روزينا وڳڻ ۽ نوجوان فاروق چانڊيو ٻڌايو ته اسان ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ پسند جي شادي ڪئي آهي وارثن مان جان کي خطرو آهي ڊي، آئي، جي، لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر نوٽيس وٺي  تحفظ فراھم ڪن  مسمات روزينا وڳڻ وڌيڪ چيو ته پيءٔ وڏي عمر جي ھمراھ سان شادي ڪرائڻ چاھي پو جيڪا پسند نه آئي جنهن تي پنهنجي مرضي مطابق نوجوان فاروق چانڊيو سان پيار جو پرڻو ڪيو آهي جڏهن ته  پيءٔ فياض وڳڻ ـ خليل احمد وڳڻ ـ رياض وڳڻ ـ آفتاب وڳڻ ۽ اعظم وڳڻ موتمار ڌمڪيون ڏنيون آهن ۽ مڙس مٿان اغوا سميت ٻيا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن ھنن مان اسان جي زندگين کي خطرو آهي اسان کي تحفظ ڏنو وڃي

  • امير علي شاهه اڇڙي ٿر جو دورو مڪمل ڪري عمر ڪوٽ پهتو، شاندار استقبال

پٿورو:(ن ع آ )پٿورو جيلاني جماعت جو روحاني پيشواءٔ پاڪستان پيپلز پارٽي ايم اين پير سيد امير علي شاھ جيلاـي اڇڙو ٿر جي 10 ڏينهن جي روحاني دورو مڪمل ڪري اڄ واپسي عمرڪوٽ   ضلعي جي مختلف ڳوٺن حويلي آريسر حويلي سميجا انڙ آباد صاڀو ساڍر ماکيارو علي اڪبر راڄڙ ۾ دعوتن ۾ شرڪت ڪرڻ بعد عمرڪوٽ  مزمل گيسٽ  ھائوس پھتا جتي رضا آريسر پاران شاندار نموني استقبال ڪيو ويو ان موقعي تي ساڻس گڏ پير سيد شان علي شاھ جيلاني اوساما چيپا صوبائي صلاحڪار دوست علي راھمون خليفو لال محمد سميجو  سردار ھوٿي خان سميجو  ايم ايس ڊاڪٽر محمد حنيف آريسر سردار غلام حسين آريسر ڪامريڊ محمد حيات سميجو سيٺ غلام حسين آريسر ٽي ايم او عبدالخالق سمون  ٽي اي او ايجوڪيشن  مير حسن آريسرـ علي شير سومروـ عبدالحفيظ  سميجو مگھن سمون  ماستر محمدعلي آريسر محمد امين انڙ  نواب سمون  ڪمليش ميگھواڙ  صحافي برادري غلام قادر آريسر الياس ٿري اصغر علي آريسر ذولفقار قادري ۽ ٻين جيلاني جماعت جي مريدن عقيدتمندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي جيلاني جماعت جي روحاني پيشواءٔ پ پ ايم اين اي پير سيد امير علي شاھ جيلاني خصوصي خطاب ڪندي فرمايو ته  جيلاني جماعت ڪا معمولي جماعت ناهي جيلاني جا مريد ھنڌ توڙي سنڌ ۾ لکين ڪروڙين مريد آھن ۽ جيلاني جماعت ھڪ متحد جماعت آھي ۽ انشا الله متحد رھندي ۽ الله نه ڪري اگر جيلاني جماعت تي ڪو ڏکيو وقت آيو ته اسان ان ٽائيم ساڻس گڏ ھونداسين اڪيلو نه ڇڏينداسين ۽ جماعت سڳوري کي تاڪيد ڪندي آهي ته  توهان سڀئي نماز جي پابندي ڪيو ـ دورد پاڪ ذڪر ڪثرت سان ڪيو پاڙي وارن جو خاص خيال رکو پنهنجن ٻارڙن خاص ڪري نياڻين کي ديني توڙي دنياوي تعليم ڏياريو ۽ آخر ۾ دعا پڻ گھري وئي جڏهن ته مزمل گيسٽ  ھائوس جي آنر رضا آريسر پاران آيل معزز مھمانن کي سنڌ جي ثقافت شالن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ۽ آخر ۾  آيل جيلاني جماعت جي مريدن عقيدتمندن کي لـنگر تقسيم ڪيو ويو

  •  ڊکڻ ۾ وڳڻ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج، انصاف جي گهر

ڊکڻ (ن ع آ) ڊکڻ لڳ ڳوٺ نبي شاھ وڳڻ واسي ڳوٺاڻن عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت نبي شاھ وڳڻ پوليس جي زيادتين خلاف پاڪ ڪتاب کڻي نبي شاھ وڳڻ ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو،جتي  مظاهرين نبي شاھ وڳڻ پوليس خلاف زوردار نعريبازي  ڪري رهيا هئا،ان موقعي تي کوکر برادري جي محمد ڇٽل کوکر، بابر کوکر،شان کوکر،احسان کوکر،صيفل کوکر حضورا خاتون، زيناخاتون، اميران خاتون، عزالا کوکر ۽ ٻين دانهيدي چيو ته اسان جو نوجوان سهيل کوکر جيڪو ڪراچي ۾ مزدوري ڪندو آهي،جنهن کي ايس ايڇ او نبي شاھ وڳڻ غلام عباس گوپانگ، پوليس جمعدار غلام حسين ديناري، وڏي منشي جلال شيخ بنا جواز اسانجي نوجوان سهيل کوکر کي گرفتار ڪري مٿس منشيات جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي، ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي،ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو،

  •  غلام الله پوليس جي ڪارروائي، چوري ڪيل ڳئون  هٿ

ٺٽو (ڊ ر) غلام الله پوليس گذريل رات دير سان گشت دوران ڳوٺاڻن جي مدد سان ڳئون چوري ڪري ويندڙ نامعلوم چورن جو پيڇو  ڪندي چوري ڪيل ڳئون کي ھٿ ڪري ٻن چورن دلدار خشڪ ۽ علي محمد خشڪ کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان بغير لائسنس واري بندوق پڻ ھٿ ڪري ورتي جڏھن ته ڳئون جو اڃا تامين ڪو به مالڪ ظاھر نه ٿيڻ تي ڳئون کي پوليس پوسٽ تي بيھاري ڇڏيو آھي.

  • احمدپور لڳ بدامني، ڊاٽسن ڦر، واقعي جي اين سي داخل

احمدپور (ن ع آ) احمدپور لڳ ڳوٺ حامد ڀٽو جي رھواسي محمد اڏيل ڀٽو کان نامعلوم ڦورو ھٿيارن جي زور تي عبدالرحمان انڙ ٿاڻي حد ڳوٺ دڙو ڪلھوڙو ڀرسان لنڪ روڊ تان ھٿيارن جي زور تي ڊاٽسن موبائل فون روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا ڳوٺاڻي محمد اڏيل جي فرياد تي نامعلوم ڦورن خلاف اين سي داخل ڪرائي وئي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.