ٽنڊي غلام حيدر جي ٽائون ملازمن جي پگهار بند، مظاهرو

ٽنڊو غلام حيدر (رپورٽ:غلام مرتضي لغاري) ٽنڊوغلام حيدر ٽائون ڪميٽي جي ملازمن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ظلم جو سلسلو شروع ٿي ويو انتظاميا پاران ملازمن جون ٽن مهينن جون پگهارون بند ڪري ڇڏيو،ملازم فاڪاڪشي ۾ مبتلا بڻجي ويا،ان سلسلي ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ پير عظيم شاھ،ملازمن ستار لاشاري،جمن پهنور،بشيراحمد ورياھ ۽ ٻين ٽائون ڪميٽي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ٽائون انتظاميا جي نااهلي سبب گذريل ٽن مهينن جون پگهارون جاري ناهين ٿي سگهيون ٽائون ڪميٽي جي ماهوار سوا ڪروڙ بجيٽ هوندي به اسان ملازمن کي جائز پگهارون کان محروم رکيو پيو وڃي هنن چيو ته اڳ جيئان انتظاميا ٻيهر اسان کي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي ايس ٽي پي اڳواڻ پير عظيم شاھ جو چوڻ هو ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان تعلقي جي فائربرگيڊ گاڏي خراب پيل آهي ڪافي ڀيرا باھ جا واقعا پيش آيا آهن پر فائربرگيڊ گاڏي جو مرمتي ڪم نه پيو ڪرايو وڃي ماهوار سوا ڪروڙ بجيٽ مان حصا پتي ڪري هڙپ ڪئي وڃي ٿي هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري نوٽيس وٺي ملازمن جون رهيل پگهارون جاري ڪيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.