کپرو ۾ ڳوٺاڻن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف درخواست داخل

کپرو(ن ع آ) ايڊيشنل سيشن ڪورٽ کپرو ۾ 4 ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ خلاف درخواست علي محمد راڄڙ  داخل ڪرائي ڇڏي  درخواست ۾ ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال, ايس ايڇ او سوراھ منشا ڪلوڙ ۽ ٻين کي ڌر بڻائي ڇڏيو کپرو ويجهو وڏيري علي محمد راڄڙ جي اوطاق تان اڇڙو ٿر جي عرب شڪارين خلاف احتجاج ڪرڻ بعد سوراھ پوليس ڪاروائيون ڪيون جنهن ۾ 4 ڄڻن قاضي عباس , محرم علي , عبدالوحيد  کي سوراھ پوليس کنڀي کڻي ويئي هئي ۽ پوليس گاڏي پڻ ڪارائي ويئي ان بعد کپرو شھر ۾ عرب راکن ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ٿيو هو ايڊيشنل سيشن ڪورٽ کپرو ۾ درخواست داخل ڪرائي جنهن ۾ فريادي علي محمد راڄڙ مئوقف اختيار ڪيو ته ايس ايس پي خيرپور , ايس ايڇ او سوراھ ۽ 50 کن پوليس اهلڪار عرب شڪارين جا ايجنٽ جاويد ۽ پرويز انهن جي اڳواڻي ۾ اسان جي گهرن تي ڪاھ ڪري 4 ماڻھو اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيا آھن ۽ هڪ گاڏي به ڪارائي ويا آھن اهڙي درخواست کپرو جي ڪورٽ ۾ داخل هئي جنهن جي ٻڌڻي اڄ ايڊيشنل سيشن ڪورٽ کپرو ۾ ٿي سوراھ ٿاڻي جو ايس ايڇ او ڪورٽ ۾ پيش ٿيو فريادي ڌر موجب اسان درخواست داخل ڪرائي آهي اسان سان ڪورٽ سڳوري انصاف ڪندي ۽ هنن خلاف ايف آر داخل ڪرائيندي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.