اڪرم واهه ۾ نوجوان کي ٻڏي مارڻ وارو معاملو، پوليس ڏوهي قرار

تلهار (ن ع آ)  اڪرم واھ واقعي جو ايس ايس پي بدين نوٽس وٺي ورتو،ايس ايڇ او ٽنڊوباگو ڏوھي قرار،ایس ایس پي بدين شاھنوار چاچڙ پاران ايس ايڇ او ٽنڊوباگو بشير احمد چانڊيو ۽ ملوث پوليس عملي کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو،ايس ايڇ او ٽنڊوباگو ملوث پوليس اھلڪارن سان موقعو وٺي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب،پوليس ترجمان پاران جاري ڪيل پريس رليز به بدلي ڪرڻ جون ايس ايس پي پاران ھدايتون،ڊي ايس پي محبوب لنڊ،ايس ايڇ او بدين انور لغاري،ايس ايڇ او تلھار سعيد احمد چنا چينل/اڪرم واھ تي پھچي مڇريل وارثن کي انصاف ڏيارڻ جو يقين پڻ ڏياريندي وديڪ چيو ته ايس ايس پي بدين واقعي جي مڪمل معلومات وٺڻ کانپو۽ ايس ايڇ او ٽنڊوباگو ۽ ملوث آفيسر ۽ اھلڪارن کي فوري گرفتار ڪرڻ جا احڪامات جاري ڪري ڇڏيا آھن،تلھار ويجھو جمالي ڦڙدو ۾ ٽنڊوباگو پوليس تلھار جي حد ۾ ڪجھه ڏينھن اڳ ڪاروائي ڪري تلھارواسي نورالدين جت کي گرفتار ڪري مٿس گٽڪن جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ھو جڏھن ته نورالدين جت سان گڏ مقصود عرف وسيم ٽالپر کي مارڪٽ بعد ٽنڊوباگو پوليس چينل/اڪرم واھ ۾ اڇلي لوڙھي ڇڏيو آھي اھڙا وارثن پاران ٽنڊوباگو پوليس خلاف احتجاج ۾ الزام ھئا ان سلسلي ۾ 20 جنوري کان متاثر مير عمران ٽالپر ۽ ٻين عزيزن پاران مقصود ٽالپر جي چينل واھ ۾ ڳولا جو سلسلو پڻ جاري رکيو ويو آھي جڏھن ته 48 ڪلاڪ گذرڻ جي باوجود مقصود ٽالپر ھٿ ناھي آيو وارث چينل موري تي سراپا احتجاج آھن ھوڏانھن تلھار تڪ جو پ پ ايم پي اي مير الھبخش ٽالپر واقعي واري ڏينھن کان متاثر ماڻھن سان گڏ ٽنڊوباگو پوليس گردي خلاف وارثن جي احتجاج ۾ شريڪ آھي جڏھن ته سابقه ايم پي اي پير امجد شاھ صديقي،پير محفوظ شاھ قادري،مرزا گروپ اڳواڻ دلبر سنڌي پڻ ٽنڊوباگو پوليس جي اھڙي ڪارنامي خلاف مزمت جو اظھار ڪيو آھي ايس ايس پي بدين شاھنوار چاچڙ پاران واقعي جو نوٽس وٺي ٽنڊوباگو ايس ايڇ او کي فوري گرفتار ڪرڻ جا احڪامات جاري ڪري ڇڏيا آھن ياد رھي ته 20 جنوري رات جو اندازن 8 وڳي ٽنڊوباگو پوليس تلھار جي حد ۾ جمالي ڦڙدو چينل واھ وٽ ڪاروائي دوران نورالدين جت کي گٽڪن ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي ھئي جڏھن ته مقصود ٽالپر کان ٽنڊوباگو پوليس لاتعلقي جو اظھار ڪيو ھو وارثن پاران الزام ھئا ته ٽنڊوباگو پوليس مقصود ٽالپر نورالدين جت سان گڏ ھو جنھن کي ٽنڊوباگو پوليس مارڪٽ ڪري بعد ۾ چينل ۾ لوڙھي پوليس موقعو وٺي فرار ٿي وئي ھئي جنھن جي چينل واھ مان وارث ۽ شھري گڏجي ڳولا ڪري رھيا آھن جڏھن ته گذريل ڏينھن ايس ايس پي بدين پاران ڪينجھر مان اسپيشل ٽوٻا گھرائي مقصود ٽالپر کي ڳولھڻ ۾ مدد ڪري رھيا آھن پر ٽن ڏينھن کان مقصود ٽالپر جو لاش چينل واھ مان ھٿ اچي ناھي سگھيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.