ڏوڪري لڳ عورت قتل بابت جرڳو، پاڪ ڪتاب تي ڳالهيون، کير کنڊ

ڏوڪري (ن ع آ) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ حڪيم سنديلو ۾ 6 مهينا اڳ محمد بخش سومرو پنهنجي گهرواري مسمات زيبل سومرو کي فقير محمد سنديلو سان ڪارنهن الزام ڏئي قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن جو فيصلو سومرا برادري محمد عثمان سومرو، علي حسن سومرو، گل حسن سومرو، محمد مبين سومرو ۽ الزام هيٺ آيل سنديلا برادي جي فقير محمد سنديلو ۽ ارباب علي سنديلو جو مشتاق احمد سنديلو ۽ پرويز علي سنديلو جي سرپئنچي ۾ ٿيو. فيصلي ۾ ڌريون جون ڳالهيون پاڪ ڪتاب تي ٻڌي ڌرين کي کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو. هوڏانهن جوابدار محمد بخش سومرو مهينو اڳ نوابشاھ ۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو هو.  واضع رهي ته 6 مهينا اڳ محمد بخش سومرو پنهنجي گهرواري مسمات زيبل سومرو کي ڪارنهن الزام ڏئي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن جو ڪيس آريجا ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.