ٿر ۾ ڪول ڪمپنين جا ڪلور، مقامي ماڻهن جا مظاهرا

اسلام ڪوٽ (ت ر)گوڙاڻي ۽ ڌُڪڙڇو ڊيم جي رهواسين جو ڇهين ڏينهن به احتجاج،خبرموجب:گوڙاڻي ۽ ڌُڪڙڇو ڊيم جي رهواسين عارب حجام،ابراهيم حجام،غلام حيدر حجام،جادين لنجو،شيرو لنجو،چيتن ڀيل،سومار  ڀيل ۽ ٻين ٿر سماجي تحريڪ جي اڳواڻ اميرحسن راهمون جي اڳواڻي ۾ ڪالھ ڇهين ڏينهن به پريس ڪلب اسلام ڪوٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي،احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته اسان مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهيون پر ڪير به دانهن ٻُڌڻ وارو ناهي،هنن چيو ته نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي،ڊيمن جي پاڻي علائقي ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي،اسان جا لنگھ رستا بند آهن،سهوليت ڪابه ناهي ڏني وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.