سوڀو ديرو لڳ زمين جي تڪرار تان جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي

سوڀوديرو (ن ع آ)  سوڀوديرو لڳ ڳوٺ درمحمد ميمڻ جي رھواسي ڀائرن زخمي محرم علي ميمڻ ۽ محبوب علي ميمڻ ميڊيا وارن  اڳيان احتجاج ڪيو ھنن دانھيندي الزام ھنيو ته اسان جي امڙ کي اسان جو نانو جيڪو ڪافي سال اڳ فوت ٿي ويو آھي ان زمين مان سترھن ويسا کن ڏنا ھيا جيڪا اسان ڪاھيندا اچون پيا امڙ پنھنجو حصو ڪچي زمين مان به پنھنجي ڀائرن کان  گھرندي رھي ٿي جيڪي رڳو ڏٽا ۽ دلاسا ڏين ٿا اسان جي مامي ممتاز علي ميمڻ جي چرچ تي درمحمد ميمڻ۔ جاويد۔عرفان۔غلام مجتبا۔ غلام مصفا۔شاھد۔ظھير ميمڻ ۽ ٻين اسان پنھنجي زمين مان گاھ ڪري رھيا ھياسين ته لٺين ڪھاڙين ۽ ھٿيارن سان مسلح ٿي اسان مٿان ھوائي فائرنگ ڪئي ۽ لٺين جا ڌڪ ھڻي زخمي ڪيو آھي ۽ فائرنگ ڪرڻ سبب ڪارتوس جا ڪجھ ڇرا پڻ لڳا آھن سوڀوديرو پوليس جوابدارن خلاف ڪيس داخل نه ٿي ڪري ڪيس داخل ڪرڻ لاء رشوت گھري پئي متاثرن چيو ته اسان مسڪين آھيون جوابدار بااثر ۽ پئسي وارا آھن جيڪي اسان غريبن سان ظلم ۽ ڏاڍ پيا ڪن متاثر آء جي سنڌ۔ ڊي آء جي سکر۔ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته ڪيس داخل ڪري حملي اوور گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي

  • اسد جسڪاڻي جي گرفتاري خلاف قومپرست تنظيمن جو احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪنن اسد جسڪاڻي جي گرفتاري خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو . ان موقعي تي انور بڙدي، عاشق جمالي، شبير بروهي ۽ شڪور سنڌي چيو ته ايس ٽي پي اڳواڻ اسد جسڪاڻي جي گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيون ٿا ته اسد جسڪاڻي تي حملو ڪندڙ ماڻهن کي فوري طور گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏئي اسد جسڪاڻي کي آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.