ڪڙيوگهنور۾پورهيت پاران پول تي چڙهي آپگهات جي ڪوشش، شهرين بچائي ورتو

بدين( رپورٽ: رازق ڏنو کوسو)ڪڙيو گھنور وين جي اڏي جي معاملي تان ھلندڙ ڇڪتاڻ سبب اسلم خاصخيلي خدڪشي ڪرڻ لاء وچ بازار ۾ بجلي جي پول تي چڙھي ويو جنھن کي بروقت واپڊا عملي پوليس ۽ شھرين بچائي ورتو اسلم خاصخيلي ميڊيا کي ٻڌايو ته آئون تقريبن پندرنھن سالن کان وين جي اڏي تي اسٽاٽر آھيان مون وٽ قانوني پرمينشن آھي پر شھر جو بااثر فدا نظاماڻي آر ٽي سيڪريٽري بدين سان ملي ڀڳت ڪري مون کان ٻچن جو روزگار کسڻ چاھي ٿو ھن چيو گذريل ڏينھن مون ڪڙيو ٿاڻي تي فدا نظاماڻي ۽ آرٽي بدين خلاف ڪيس داخل ڪرايو آھي پر ٿاڻي جو وڏو منشي اڪبر ناريجو ڪجھ ڪرڻ لاء تيار ناھي جيڪو خد ھنن سان مليل آھي آئون مسڪين ايس ايس پي بدين ۽ وس وارن کي اپيل ڪريان ٿو ته مون سان انصاف ڪيو وڃي ٻي پاسي ڪڙيو ٿاڻي جي وڏي منشي سان رابطو ويو ويو جنھن ڪورٽ تي ھجڻ جو جواز ڄاڻائي موقف نه ڏنو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.