خيرپور جي عدالت ۾ شهري تي حملو، سخت زخمي

خيرپور (س ر) خيرپور جي فرسٽ سينئر سول جج مس سونيه اعواڻ جي عدالت ۾ ڪراچي روڊ پنجهٽي جي رهواسي دوڪاندارن عبدالوحيد شيخ، عبدالواحد شيخ ۽ خليل احمد شيخ خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل  ڪرائيندڙ وڪيل يونس علي ميمڻ مٿان مبينيٰ طور جوابدارن حملو ڪري کيس مرڻينگ ڪري ڇڏيو ۽ ڪيس تان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ جاني نقصان جون ڌمڪيون ڏنيون. اهڙي واقعي جي اي سيڪشن ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي ويئي آهي مگر ان باوجود پوليس طرفان جوابدارن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿيڻ تي سيشن جج خيرپور مشتاق احمد لغاري جي عدالت جوابدار عبدالواحد شيخ، عبدالوحيد شيخ، خليل احمد شيخ ۽ اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او خلاف نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ طلب ڪري ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.