قومپرست اڳواڻ علي حسن چانڊئي جي سالگره

گلشن اقبال (ن ع آ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڪراچي ڊويزن پاران قومپرست اڳواڻ ۽ ليکڪ علي حسن چانڊيو جي 59 هين سالگرهه تقريب ڪراچيءَ ۾ ٿي گذري. تقريب ۾ علي حسن چانڊيو جي سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو. تقريب ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي نائب صدر اعجاز سامٽيو ،مصطفي چانڊيو ، ايس يو پي ڪراچي ڊويزن جي صدر منير مگسي، رزاق شر، مخدوم شمس، عنايت کٽياڻ، اي جي پي اڳواڻ لال محمد چانڊيو، حريف خان چانڊيو، لال محمد چانڊيو، جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ ،سينئر قومپرست اڳواڻ نورالدين جمالي، اختر دايو، ڊاڪٽر علي نواز گبول سميت مختلف اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ڳالهائيندي ايس يو پي جي مرڪزي نائب صدر اعجاز سامٽيو چيو ته ڪامريڊ علي حسن چانڊيو جو ڪراچيءَ ۾ نوجوانن کي متحرڪ ڪري پهنجن حقن کان آگاه ڪرڻ ۾ تمام اهم ڪردار هو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته علي حسن چانڊيو روايتي سياست کان هٽي ڪري نظرياتي سياست جا بنياد رکيا. سندس اکين ۾ سنڌ جي خوشحالي ۽ آزاديءَ جا خواب سمايل هئا. جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ چيو ته علي حسن چانڊيو جو اهم ڪم اهو هو ته هن ڪراچيءَ کي پهنجي سياست جو مرڪز بڻايو، هو هميشه قومي سياست ۾ غير جمهوري لاڙن جو مخالف رهيو ۽ هميشه اصولي سياست ڪئي. ع ج پ اڳواڻ حريف چانڊيو چانڊيو ته علي حسن چانڊيو 2010 واري مها ٻوڏ ۾ علي حسن چانڊيو ۽ سندس ساٿين جو شاندار ڪردار رهيو جن پهنجي وت ۽ وس آهر پهنجن ماروئڙن جي هر ممڪن مدد ڪئي. قومپرست اڳواڻ نورالدين جمالي ڳالهائيندي چيو ته علي حسن چانڊيو هڪ اهڙو قومي اڳواڻ هو جنهن هڪ ڪارڪن وانگر فقط ڪم ڪيو.. سندس خوابن جو محور سنڌ هئي، هو هيٺين طبقي مان اسري نڪتل اهو فرد هو جنهن غربت ۽ بيروزگاري جو مشاهدو پهنجي اکين سان پسيو.منير مگسي، مخدوم شمس ،مصطفي چانڊيو ،عنايت کٽياڻ چيو ته علي حسن چانڊيو هميشه لکڻ ۽ پڙهڻ کي ترجيح ڏني ۽ ڪارڪنن کي پڻ همٿائيندو رهندو هو، پاڻ هميشه چوندو هو ته هڪ لکيل پڙهيل سياسي ڪارڪن ئي پهنجي وطن لاءِ لاڀائتو ٿي سگهي ٿو، سندس ڇڏيل واٽ سنڌ جي قومي ڪارڪنن لاءِ مشعل راہ ثابت ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.