ڪراچي (پ ر) سنڌي ٻوليءَ جي بزرگ شاعر محمد علي مفتون جي شاعريءَ جو ڪتاب ” اکيون آرسيون“ تازو ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي، جنهن جي سهيڙ نوجوان شاعر ذوالفقار گاڏهيءَ پاران ڪئي وئي آهي،هن ڪتاب ۾ ڇهانوي صفحا آهن، ڪتاب کي مرڪ پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو آهي، هن پڪي جلد ۽ وڻندڙ ٽائيٽل واري ڪتاب جو ملهه اڍائي سئو رپيا آهي، ڪتاب سنڌ جي مڙني ڪتاب گهرن تي موجود آهي، اداري کان سڌو سنئون به گهرائي سگهجي ٿو.