احمدپور لڳ مينهن چوري، پوليس مڙسي ڪندي ڇڏائي ورتي

احمدپور (ن ع آ) احمدپور لڳ ڳوٺ پليجا مان نامعلوم چورن پاران ڳوٺاڻي عزيز الله چنو جي گهر کي کاٽ ھڻي سندس گهر مان ھڪ ڀلوڙ  مينھن چوري ڪري ويا اطلاع ملڻ تي وڏامھيسر پوليس ۽ ميان خان پوليس چونڪي جي انچارج علي مردان ڦل پاران پوليس نفري ساڻ ڪري ڪچي واري علائقي مدئجي پتڻ ڀرسان چورن سان مقابلو ڪري ڳوٺاڻي جي مينھن ڇڏائي اصل مالڪ عزيز الله چنو حوالي ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.