ملير ۾ مبينا مقابلو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي

ملير (ڊ.ر) شاهه لطيف پوليس مختلف علائقن ۾ ڏوهاري سان مبينا مقابلو، جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار،غير قانوني هٿيار، ڦر ڪيل موبائل فون، روڪ رقم ۽ موٽر سائيڪل هٿ، جوابدار شهري کان ڦر ڪري فرار ٿي رهيو هو، ايس ايس پي ملير، خبر موجب شاهه لطيف پوليس شهري کان ڦر ڪري فرار ٿيندڙ ڏوهاري سان مبينا مقابلو جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار خوش دل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته پوليس زخمي جوابدارکي  علاج لاءِ اسپتال روانو ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان ايس ايس پي ملير سيد عرفان بهادر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گرفتار جوابدار شهري کان ڦر ڪري فرار ٿي رهيو هو ته شاهه لطيف پوليس بروقت ڪاروائي ڪندي جوابدار خوش دل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان غير قانوني هٿيار ڦر ڪيل موبائل فونون، روڪ رقم ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪري ورتا آهن،  گرفتار جوابدار جي وڌيڪ ڏوهن بابت رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي هٿ آيل هٿيار کي فارنزڪ لاءِ موڪليو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.