آريجا ۾ بينظير يونيورسٽي ۾ سھولت نه ملڻ خلاف شاگردن جو ڌرڻو

خير محمد آريجا(ن ع آ)شھيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي آريجا ڪئمپس ۾پڙھندڙ شاگردن کي ٽرانسپورٽ ۽ ٻيون سهولتون نه ملڻ خلاف يونيورسٽي مين گيٽ اڳيان شاگرد اڳواڻن غلام رباني جکراڻي نديم شر عبدا لقدير ڪلھوڙو محمد صفيان ملڪ منور کوسو عديل شيخ افضل سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاگردن جو احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو ان موقعي تي شاگردن صحافين اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته ڪرپٽ ۽ نااھل يونيورسٽي انتظاميه ۽ ٽرانسپورٽ انچارج عدنان قريشي ڊپٽي پرويسٽ رحمان ڀٽو جي نا اهلي سبب اسان کي ٽرانسپورٽ جي سهولت نٿي ڏني وڃي جڏهن ته انتظاميه طرفان شاگردن کان سالياني پنج هزار رپيا في وٺڻ باوجود ٽرانسپورٽ جي سهولت کان محروم رکيو ويو آهي جڏهن ته انظاميه پاران ھاسٽلن ۾ پاڻي کٽ،گئس ۽ ٻيون سهولتون شاگردن کي مھيا نٿي ڪري ڏئي جيڪا انظاميه جي شاگردن سان ناانصافي آهي شاگردن وڌيڪ چيو ته پرويسٽ ڊپٽي پرويسٽ اسان شاگردن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهيا آهن جنهن سبب اسان جا مسئلا نٿا حل ڪيا وڃن ۽ اسان کي روز روز سکڻا دلاسا ڏئي ٽاريو وڃي ٿو جنھن سبب اسان مجبور ٿي احتجاج ڪيو ٿا ان موقعي تي شاگردن سنڌ جي وزير اعلي گورنر سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته خدارا اھڙي مامري جو نوٽيس وٺي ڪرپٽ ۽ نااھل ٽرانسپورٽ انچارج عدنان قريشي کي ھٽائي شاگردن جا مسئلا حل ڪري شاگردن مان بيچيني دور ڪئي وڃي ٻي صورت۾احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.