ميھڙ لڳ ھٿياربندن پاران نوجوان کان موٽرسائيڪل ڦر

ميهڙ (س ر)ميھڙلڳ سنڌي ٻٽڙا روڊ تي ڦرون روزانو جو معمول بڻجي ويون ميھڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد سنڌي ٻٽڙا روڊ پوليس پڪٽ جي سامھون نامعلوم ھٿياربندن عباس چنه کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ھٿ پير ٻڌي سي ڊي موٽرسائيڪل موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا واقعي واري جڳهه کان ڪجھ قدمن تي موجود پوليس پڪٽ تي ويٺل پوليس اھلڪارن ڪا به مزاحمت نه ڪئي متاثر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سنڌي ٻٽڙا روڊ پوليس پڪٽ جي سامھون 3 ھٿياربندن روڪي منھنجا ھٿ پير ٻڌي سي ڊي موٽرسائيڪل موبائيل فون ۽ روڪ پيسا فر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا پڪٽ تي ويٺل پوليس اھلڪار ڏسندا رھيا ايس ايس پي دادو  نوٽيس وٺي انصاف ڏياري وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.