سريلنڪا ۾ خوراڪ ۽ ٻارڻ جي کوٽ جو خدشو

 

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ايشيائي ملڪ سريلنڪا ۾ خوراڪ ۽ ٻارڻ جي کوٽ جو خدشو پيدا ٿي ويو.

سريلنڪا ۾ گذريل مهيني مهانگائيءَ جي شرح ۾ 14 سيڪڙو واڌ ٿي، جنهن خلاف عوام سراپا احتجاج آهي.

ٻارڻ ۽ خوراڪ جي کوٽ سبب ماڻهو سخت پريشان آهن، جڏهن ته خبردار ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ چانورن جو فصل گهربل هدف پورو نه ڪري سگهندو، تنهن ڪري امڪاني بحران کي قابو ڪرڻ لاءِ تڪڙي منصوبي جي ضرورت آهي.

سياحت تي ڀاڙيندڙ اهو ملڪ ڪورونا وائرس سبب به اقتصادي مسئلن جو شڪار آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.