اسد جسڪاڻي تي حملو ڪيو ويو، واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي: قادر مگسي

 

ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته الطاف جسڪاڻي جي شهادت تي قانوني رستو اختيار ڪيو ويو، اسد جسڪاڻي ۽ ٻين تي حملو ڪيو ويو، ڀولو خانزادي جي قتل سان اسد جو ڪو به واسطو ناهي، حڪومت واقعي جي عدالتي تحقيق ڪرائي.

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي قيادت چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ لمس اسپتال ڄامشورو پهچي گذريل ڏينهن ٽنڊي الهيار واقعي ۾ زخمي ٿيل ايس ٽي پي اڳواڻ اسد جسڪاڻي سان ملاقات ڪري عيادت ڪئي ۽ کائنس واقعي بابت ڄاڻي ورتي.

عيادت بعد ڊاڪٽر قادر مگسي لمس اسپتال ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايم ڪيو ايم جي سزا مليل دهشگرد خليل عرف ڀولا ۽ سندس ساٿين ايس ٽي پي جي شهيد اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ عدالت پهتل سندس ڀاءُ اسد جسڪاڻي تي پوليس جي موجودگي ۾ حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو زخمي ٿي پيو، خليل عرف ڀولا جي قتل سان اسد جو ڪو واسطو ناهي.

هن چيو ته اسد جسڪاڻي پنهنجي حفاظت لاءِ گاڏي مان هٿيار کنيو ته پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو، شهيد الطاف جسڪاڻي جي شهادت کان هينئر تائين ايس ٽي پي جا ڪارڪن ۽ جسڪاڻي ڀائر پرامن طريقي سان عدالت کي منهن ڏئي رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته ٽنڊي الهيار ۾ ايم ڪيو ايم جي دهشگرد ٽولن شهر کي يرغمال بڻائي پوليس ۽ عوام جي ملڪيتن کي نقصان پهچايو آهي، جنهن سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي.

ڊاڪٽر قادر مگسي مطالبو ڪيو ته ايس ٽي پي ڪارڪنن تي داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري اسد جسڪاڻي تي حملو ڪري کيس زخمي ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.