هالي ووڊ اداڪار آرنلڊ شوازنيگر سان وڏو حادثو

 

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ جي جڳ مشهور اداڪار آرنلڊ شوازنيگر جي گاڏي سان خطرناڪ حادثو پيش آيو، جڏهن ته حادثي ۾ اداڪار مڪمل طور محفوظ رهيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي رياست ڪيلي فورنيا جي اڳوڻي گورنر ۽ هالي ووڊ اداڪار آرنلڊ شوازنيگر جي ترجمان حادثي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب حادثو لاس اينجلس ۾ پيش آيو، جنهن ۾ آرنلڊ جي گاڏي ٻين گاڏن تي چڙهي وئي، حادثي ۾ 4 گاڏيون متاثر ٿيون ۽ هڪ شهري زخمي ٿي پيو.

حادثي جا اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون پهچي ويون ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جنهن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.

سوشل ميڊيا تي سامهون ايندڙ تصويرن ۾ ڏسي سگهجي  ٿو ته هڪ وڏي ايس يو وي گاڏي ٻين گاڏن جي مٿان چڙهي وئي، ٻي تصوير ۾ آرنلڊ کي گاڏي مان لهي متاثر ماڻهن سان ڳالهائيندي ڏسي سگهجي ٿو.

پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي جي حوالي سان ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي، پوليس واقعي ۾ منشيات ۽ شراب هٿ اچڻ واري خبرن کي رد ڪندي چيو آهي ته واقعي جي جاچ جاري آهي.

آرنلڊ جي ترجمان موجب جنهن وقت حادثو پيش آيو ان وقت هو پاڻ گاڏي هلائي رهيو هو، اداڪار بلڪل ٺيڪ آهي ۽ حادثي کانپوءِ هن ريسڪيو کي ڪال ڪئي ۽ زخمي سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.