ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ٻيلي کاتي ڀنڊار ۽ ڏنگي ٻيٽن کي سنڌ صوبي جي ملڪيت قرار ڏئي ڇڏيو ۽ صوبائي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ سنڌ حڪومت پنهنجي ملڪيت جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪندي.
ٻيٽن جي معاملي تي سنڌ جي ٻيلي کاتي وڏي وزير کي سمري موڪلي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ٻيٽن جا علائقا 1958 ايڪٽ تحت پروٽيڪٽو فاريسٽ قرار ڏنا ويا هئا، ٻئي ٻيٽ سنڌ جي ٻيلي کاتي جي ملڪيت ۽ انڊس ڊيلٽا جو حصو آهن، جن تي پورٽ اينڊ شپنگ يا وفاق جو ڪو حق ناهي.
سمري ۾ چيو ويو آهي ته 1958 جي حفاظتي ٻيلي ايڪٽ کي ري نوٽيفاءِ ڪيو وڃي، 1958 ۾ جاري ڪيل حفاظتي فاريسٽ ايڪٽ ۾ سموري سامونڊي بيلٽ جو ذڪر آهي، ري نوٽيفڪيشن ۾ ٻنهي ٻيٽن جا نالا شامل ڪري نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي.