افغانين جي تڪڙي مدد نه ٿي ته بکن ۾ مري ويندا: وزيراعظم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي برادري جي ذميواري آهي ته اها افغانين کي تڪڙي امداد فراهم ڪري، جيڪڏهن تڪڙي بنيادن تي انهن جي مدد نه ڪئي وئي ته فاقن سان مري ويندا.

وزيراعظم عمران خان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته عالمي برادري جي ذميواري آهي ته افغانين کي فوري طور امداد فراهم ڪري، نه ته اهي فاقن سان مري ويندا، عالمي برادري يو اين جي تحفظ جي ذميواري جي گڏيل اصول تي عمل ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.