سڪرنڊ لڳ صحافي جي پٽ کان موٽر سائيڪل ڦر، احتجاج

سڪرنڊ (ن ع آ)  سڪرنڊ ڀرسان کڏهر ٿاڻي جي حد مهراڻ هائي وي تي سڪرنڊ ميڊيا سينٽر جي صدر صحافي قربان عمراڻي جي نوجوان پٽ موٽر سائيڪل سوار عمران عمراڻي کان نامعلوم چار هٿياربند هٿيارن جي زور تي موبائل فون ۽ روڪ رقم ، شناختي ڪارڊ ، موٽر سائيڪل جا ڪاغذ ڦر ڪري فرار ٿي ويا. واقعي جي رپورٽ کڏهر ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي. ايس ايڇ او کڏهر غلام عباس شر چيو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو ۽ ڦر ٿيل سامان واپس ڪرايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.