سنڌ ۾ ڀاڻ جي کوٽ ۽ زھريلو پاڻي جي ڇوڙ خلاف لاڙڪاڻي ۾ احتجاج

لاڙڪاڻو (ڊ ر ) لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان بچايو تحريڪ پاران سنڌ ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ سميت ڪوٽڙي جي صنعتي ڪارخانن ۾ زھريلو پاڻي جي ڇوڙ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ غلام مصطفي گوپانگ ،بلاول مگسي ،عبدالطيف چانڊيو، مير محمد چانڊيو، نصير احمد چانڊيو، سجاد حسين سومرو ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ ٻن مهينن کان ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ بليڪ مارڪيٽنگ جو سلسلو جاري آهي پر سنڌ حڪومت چونڊيل نمائندا ضلعي انتظاميه ۽ زراعت کاتو سڀ ڪجهه ڏسندي خاموش تماشائي جو ڪرادار ادا ڪري رهي آهي جنهن سان هن سال سنڌ ۾ ڪڻڪ جو فصل گهٽ مقدار ۾ پوکائي ٿيندي ۽ آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان جو خدشو آهي هنن چيو ته اڏيرو لال بئراج مان زهريلو پاڻي ڪوٽڙي جي صنعتي ڪارخانن ۾ ڇوڙ ڪرڻ سان گڏ ڪيٽي بندر واسين کي زهريلو پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي جيڪا عوام دشمن پاليسي آهي ۽ ان سان ڪيٽي بندر واسين جون زندگيون داع تي لڳل آهن جيڪو پاڻي جانور پئي رهيا آهن ۽ زراعت تباھ ٿيندي پئي وڃي پر حڪمرانن کي عوام جو ڪو احساس ناهي هنن چيو ته سنڌ جا حڪمران ناڪام ٿي چڪا جيڪي عوام پاليسي کان هٽي ڪري عوام دشمن پاليسي تي عمل ڪري رهيا آهن اسين مطالبو ٿا ڪيون ته سنڌ ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽اسمگلنگ روڪي آبادگارن کي سرڪاري اگهه تي ڀاڻ ڏنو وڃي ۽ صنعتي ڪارخانن ۾ زھريلو پاڻي جي ڇوڙي ختم ڪري ڪيٽي بندر واسين کي صاف ۽ مٺو پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.