بجلي اگھن ۾ واڌ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي(سي سي پي اي) بجلي جي اگهن ۾ واڌ لاءِ نيپرا ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، جيڪا ڊسمبر مهيني جي فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ ڏني وئي آهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڊسمبر 2021 ۾ 8 ارب 52ڪروڙ يونٽ بجلي پيدا ٿي، جنهن جي پيدواري لاڳت 73ارب 84ڪروڙ رپيا رهي.

درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته  22 رپيا 24 پيسن ۾ فرنس آئل سان مهانگي ترين بجلي پيدا ڪئي وئي، ايل اين جي مان 17 رپيا 80 پيسا في يونٽ، ڊيزل مان 14 رپيا 8 پيسا في يونٽ ۾ بجلي پيدا ٿي.

جڏهن ته ڪوئلي مان بجلي جي پيداواري لاڳت 13 رپيا 31 پيسا في يونٽ ۾ ٿي، ايران مان 13 رپيا 26 پيسن ۾ في يونٽ بجلي گھرائي وئي، جنهن لاءِ فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ اگهن ۾ 3 رپيا 12 پيسا في يونٽ واڌ ڪئي وڃي.

نيپرا پهرين فيبروي تي سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي سي پي اي) جي بجلي جي اگهن ۾ واڌ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪندو ۽ واڌ جي صورت ۾ صارفين تي 30 رپين کان وڌيڪ اضافي ٻوجهه پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.