صوف کي ميون جو بادشاهه ڇو چيو ويندو آهي؟

هڪ پاسي، صوف هڪ گھٽ گليسيمڪ انڊيڪس (GI) ميوو آهي جيڪي ٽائيپ ٽو شگر جي مريضن ۾ رت ۾ شگر جي واڌ کي روڪيندو آهي ۽ ٻي پاسي، صوف شگر جي خطري کي اڳ ئي گھٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگھي ٿو. مختلف مطالعن موجب صوف ۽ ناشپتي جي استعمال سان شگر جا امڪان 18 سيڪڙو گھٽ هوندا آهن.

روزانو هڪ صوف اسان کي ڊاڪٽرن کان پري رکندو آهي، ننڍپڻ کان وٺي جواني تائين، اهو جملو هر گھر ۾ ورجايو ويندو آهي ته جيئن ڊگھي عمر ۽ بيمارين کان پاڪ زندگي لاءِ صحت بخش غذا کي هٿي ڏني وڃي ۽ جڏهن صحتمند ۽ متوازن غذا جي پيروي جي ڳالهه ايندي آهي، ته سڀ سڀني ڀاڄين ۽ ان سان گڏ ميون کي به هڪ ضروري غذا سمجهو ويندو آهي. ۽ جڏهن ڳالهه صحتمند ميوون جي هجي ته گھري ڳاڙهي رنگ جو صوف پنهنجي غذائيت سبب ڪنهن سپر فوڊ کان گھٽ ناهي سمجهو ويندو.

جڏهن شگر ۽ هاءِ بلڊ پريشر جهڙي امڪاني طور تي هاڃيڪار دل جي مسئلن جي ڳالهه ايندي آهي ته صوف حيران ڪندڙ ميوي جي طور تي ڪم ڪندو آهي.

صوف جا صحت بابت حيران ڪندڙ فائدا

شگر جو گھٽ خطرو:

سائو صوف شگر جي مريضن لاءِ سپر فوڊ سمجهو ويندو آهي. اهو ميوو زنڪ، آئرن ۽ ٻين ٽريس ميٽلز سان ڀرپور هوندو آهي جيڪو بلڊ شگر کي ڪنٽرول ۾ رکڻ ۾ مدد ڪندو آهي. سائي صوف ۾ کڻڊ جو مقدار به گھٽ هوندو آهي. ڳاڙهي صوف جي چونڊ نه ڪريو ڇو جو ان ۾ شگر جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي.

وزن ۾ گھٽتائي ڪندو آهي:

روزانو هڪ صوف به وزن کي گھٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو، پاڻي ۽ فائبر مان ٺهيل ان ميوي ۾ ڪيلوريز جو مقدار گھٽ هوندو آهي. هڪ تحقيق موجب صوف جي جوس جي ڀيٽ ۾ سڄو صوف 4 ڪلاڪن کان وڌيڪ تائين اوهان جو ڀري سگھي ٿو.

هاءِ بلڊ پريشر ڪنٽرول ڪري ٿو:

هاءِ بلڊ پريشر هڪ اهڙو مسئلو آهي جيڪو سڄي دنيا جي سڀني ملڪن جي ماڻهن لاءِ ڳڻتي جو هڪ وڏو سبب بڻجي ويو آهي، صوف ان عنصر کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو جيڪو دل جي بيماري جي وڌندڙ خطري جو ذميوار آهي.

آنڊن جي بهتر صحت:

صوف پيڪٽين جو هڪ ڀرپور ذريعو آهي، هڪ اهڙو مادو جيڪو پري بائيوٽڪ جي طور تي ڪم ڪندو آهي، جيڪو آنڊن جي صحت کي بهتر بڻائيندو آهي، ان ۾ غذائي ريشو هوندو آهي جيڪو قبض کي روڪڻ ۾ مدد ڪندو آهي، سٺن بيڪٽيرياز کي سپورٽ ڪندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح هاضمي جي پريشانين کي ختم ڪندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.