ڪوٽڙي ۾ ڪلري بگھاڙ واهه ۾ زهريلي پاڻي ڇوڙ ٿيڻ جو آرٽيڪل عوامي آواز ۾ شايع ٿيڻ تي ماحوليات تحفظ واري کاتي نوٽيس وٺي 11 فيڪٽرين کي سيل ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ڪراچي، ٺٽو ۽ ڪوٽڙي کي پاڻي فراهم ڪندڙ ڪلري بگهار واهه ۾ صنعتي ايريا ۾ قائم فيڪٽرين مان زهريلو ۽ انساني زندگين لاءِ خطرناڪ پاڻي ڇوڙ ٿيڻ واري خبر “عوامي آواز” ۾ شايع ٿيڻ بعد ماحوليات تحفظ کاتي حيدرآباد نوٽيس ورتو ۽ 11 فيڪٽرين کي سيل ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪيو.