ڪنڊيارو ۾ نامياري اديب، ليکڪ ۽ ڪھاڻيڪار غلام رباني آگري جي 12 ورسي ملھائي وئي.
سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪنڊياري پاران ڪوٺايل ورسي تقريب ۾ سبحان سوز جتوئي، ايم ظفر، نثار آگرو سميت، شاعرن، اديبن صحافين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي مقررن غلام رباني آگرو کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته غلام رباني جون ادب لاءِ وڏيون خدمتوآھن، ھن ادب سميت ون يونٽ ۾ به اھم ڪردار اداڪيو، جنهن کي ڪڏهن وساري نٿو سگھجي.
مقررن چيو ته غلام رباني آگرو جا لکيل ڪتاب جھڙا گل گلاب جا، سن جا بر بحر ۽ پھاڙ ماڻھو شھر بنڀور جا وڏي دلچسپي سان پڙھيا وڃن ٿا، جيڪي ڪتاب 2 2 ڀيرا ڇپجي چڪا آھن.