آصف علي زرداري به نيون چونڊون چاهي ٿو: اياز صادق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق دعويٰ ڪئي آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به نيون چونڊون چاهي ٿو.

خانگي ٽي وي چينل جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي اياز صادق جو چوڻ هو ته آصف علي زرداي کيس پاڻ چيو آهي ته هن پارليامينٽ ۾ جيڪو به حڪومت ٺاهيندو، اهو پنهنجو پاڻ کي خراب ڪندو.

سندس چوڻ هو ته آصف علي زرداري کيس چيو آهي ته پاڪستان جا مسئلا ڪا هڪ پارٽي حل نٿي ڪري سگھي، سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

اياز صادق جو چوڻ هو ته ن ليگ جي رابطا ايم ڪيو ايم جي ٽنهي ڌڙن، جي ڊي اي ۽ باپ پارٽي سان به آهن.

پروگرام دوران بي اعتمادي واري رٿ واري سوال تي اياز صادق جو چوڻ هو ته بي اعتمادي واري رٿ تيار ڪري ورتي آهي، هاڻي اپوزيشن جي سمورن پارٽين کي هي فيصلو ڪرڻو آهي ته رٿ ڪڏهن پيش ڪرڻي آهي.

سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي ميمبرن جو حيران ڪندڙ انگ هنن سان گڏ آهي، جيڪي چون ٿا ته چونڊون آزاد وڙهنداسين پر پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي نه بيهنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.