شهدادڪوٽ ويجھو ننڍي ڀاءُ هٿان وڏو ڀاءُ قتل، ڀائيٽيو زخمي

شهدادڪوٽ ويجھو ننڍي ڀاءُ گوليون هڻي وڏي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ ۾ مقتول جو پٽ سخت زخمي ٿي پيو آهي، واقعي جو ڪارڻ هر ڪاهڻ لاءِ پئسا نه ڏيڻ ٻڌايو پيو وڃي.

بلوچستان جي علائقي ڳوٺ شاھن پلال ۾ننڍي ڀاءُ منير ٻرڙي پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي وڏي ڀاءُ خدا بخش ٻرڙي کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ ۾ مقتول جو پٽ صدام ٻرڙو سخت زخمي ٿي پيو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمي کي شهدادڪوٽ اسپتال کڻائي آئي، جتان لاش پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.

واقعي ۾ زخمي ٿيل صدام ٻرڙو جي حالت وڌيڪ خراب هئڻ ڪري کيس لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

واقعي بابت مقتول جي ٻئي ڀاءُ دودي ٻرڙي ميڊيا کي ٻڌايو ته سندن ننڍي ڀاءُ منير وڏي ڀاءُ کان زمين تي ھر ڪاھڻ لاء پيسا گھريا، جنهن جي انڪار ڪرڻ تي ننڍي ڀاءُ ڪاوڙ ۾ وڏي ڀاءُ تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ خدا بخش ٿڏي تي مارجي ويو ۽ سندس پٽ زخمي ٿي پيو.

هوڏانهن واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪاميابي ٿي ويو، جڏهن ته واقعي جو اڃا تائين ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.