ٽنڊو الهيار واقعي ۾ زخمي ايس ٽي پي اڳواڻ اسد جسڪاڻي لمس اسپتال منتقل

ٽنڊو الهيار واقعي ۾ زخمي ٿيل ايس ٽي پي اڳواڻ اسد جسڪاڻي کي ڄامشورو جي لياقت ميڊيڪل اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽرن پاران سندس حالت خطري ٻاهرا ٻڌائي پئي وڃي.

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ اسد جسڪاڻي کي ٽنڊوالهيار مان پوليس ۽ رينجرز جي سخت نگراني هيٺ ڄامشوري جي لمس اسپتال آندو ويو.

اسد جسڪاڻي کي لمس جي ايمرجنسي وارڊ مان چيڪ اپ کانپوءِ نيرو سرجري وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته اسد جسڪاڻي کي پٺيءَ ۾ هڪ گولي لڳل آهي، جنهن جو علاج ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي.

ٻئي پاسي ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي جو پٽ سرواڻ قادر مگسي، رستم لاشاري، سميع الله جوڻيجو سميت ٻيا پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪنن جو وڏي انگ ۾ اسپتال پهتل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.