پهريون ڀيرو انسان ۾ سوئر جي بڪين جي ڪامياب پيوندڪاري

سائنسدانن پهريون ڀيرو ٻنهي ناڪارا بڪين واري هڪ مريض ۾ سوئر جون بڪيون لڳائڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي.

اهي بڪيون 57 ورهين جي جم پارسن نالي شخص کي لڳايون ويون آهن جيڪو ان کان اڳ مصنوعي طبي نظام تي زندگي گھاري رهيو هو. سندس بڪيون ناڪارا ٿي چڪيون هيون ۽ وڌيڪ زندگي جي اميد به نه هئي.

جم پارسن هڪ حادثي جو شڪار ٿي دماغي موت جو شڪار ٿي چڪو آهي ۽ وينٽيليٽر تي آهي. ڊاڪٽرن انساني ڀلائي جي ڪري هن جي گھڙڀاتين کان اجازت ورتي ۽ جم جون ناڪارا بڪيون ڪڍي سوئر جون بڪيون لڳايون ويون.

اهو ڊگھو آپريشن يونيورسٽي آف الباما ايٽ برمنگهم (يو اي بي) جي ڊاڪٽر جيم لوڪ ڪيو آهي.

ڊاڪٽر جيم لوڪ جو چوڻ هو ته جانورن مان عضون جي منتقلي (زينوٽرانسپلانٽيشن) ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي جنهن کي طبي دنيا جو سنگ ميل چئي سگھجي ٿو.

دماغی موت کے شکار ایک مریض کے جسم میں خنزیر کے دونوں گردوں کی کامیاب پیوندکاری کی گئی ہے۔ فوٹو: فائل

هن چيو اسان ناڪاري بڪين جي آخري اسٽيج تي موجود مريض ۾ سوئر جي بڪين جي پيوندڪاري جي سڀني مرحلن ۽ ڄاڻ وچ ۾ موجود خلا کي پار ڪيو آهي.

جينياتي تبديلين سبب جانورن جا عضوا انسانن ۾ منتقلي جو علم زينوٽرانسپلانٽيشن چورائيندو آهي جنهن تي ڏهاڪن کان تحقيق ٿي رهي آهي. ان ڏس ۾ سوئر سڀ کان بهترين اميد ثابت ٿيا آهن. سبب اهو آهي ته انهن جي عضون کي جينياتي طور تي تبديل ڪري انسانن لاءِ قبول ڪرڻ جوڳو بڻائڻ سولو هوندو آهي. پُڇ وارن سوئرن جي دل، جيري ۽ بڪين جي سائيز انساني عضون جي برابر هوندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.