ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪورونا جي وڌيڪ شرح وارا تعليمي ادارا هڪ هفتي لاءِ بند ڪرڻ واري معاملي تي سنڌ جي تعليم کاتي وضاحت جاري ڪري ڇڏي آهي.
ڪورونا جي روڪٿام واري اداري نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ( اين سي او سي) ڪورونا جي وڌيڪ شرح وارا تعليمي ادارا هڪ هفتي لاءِ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
انهيءَ حوالي سان سنڌ جي تعليم کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سنڌ جي گھرو کاتي اين سي او سي جو ڪو نوٽيفڪيشن ناهي مليو.
ترجمان جو چوڻ آهي ته اين سي او سي جو نوٽيفڪيشن ملڻ کانپوءِ وڌيڪ شرح وارن تعليمي ادارن جي بند ڪرڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو.
سنڌ جي تعليم کاتي جي ترجمان موجب نوٽيفڪيشن ملڻ تائين اڳوڻي فيصلي موجب اسڪول کليل رهندا………….