درياخان مري لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ڌرڻو

دريا خان مري ( ن ع آ ) دريا خان مري جي وارڊ نمبر ھڪ ۾ خاصخيلي برادري ۽ کوکر برادري جي ڪجھه ماڻھن م جھيڙو ٿي پيو شھرين ۽ دڪاندارن وچ ۾ پئي ٻنھي ڌرين جي ماڻھن کي ڇڏائي ورتو دريا خان مري ٿاڻي تي 2 ڌرين پاران اين سي داخل ڪرائي وئي جڏھن ته خاصخيلي برادري جي غلام مصطفيءِ خاصخيلي غلام مرتضي خاصخيلي پرويز خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ واٽر سپلاءِ ٽانڪي کان ريلي ڪڍي نصرت موري تي ڌرڻو ھڻي روڊ بند ڪري احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي احتجاج ڪندڙن چيو ته کوکر برادري جي جبل کوکر ۽ سندس ڀائرن بنا جواز مردن ۽ عورتن تي تشدد ڪيو آھي جيڪو سراسر ظلم آھي، سندس ڀائرن شھرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو جبل کوکر ۽ سندس ڀائرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، جڏھن ته ڊي ايس پي نوشھرو فيروز ايس ايڇ او دريا خان مري ايس ايڇ او ڦل پاران جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪرائي روڊ کولرايو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.