ڪنڌڪوٽ ۾ ڀاڻ جو امدادي اگهه نه ملڻ خلاف آبادگارن جو ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ (ڊ ر)ڪنڌڪوٽ ۾ ڀاڻ جو امدادي اگهه نه ملڻ خلاف مٺا چوڪ وٽ آبادگارن ڌرڻو ھڻي مک روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو،ڌرڻي سبب ڪيتريون ئي گاڏيون بيهي  ويون.آبادگارن جو چوڻ هو ته انتظاميا ڊيلرن سان ملي ڀڳت ڪري  ڀاڻ من پسند ماڻهن کي ڏئي رهي آهي، دڪاندار بليڪ تي ڀاڻ وڪرو  ڪري رهيا آهن،اسان جون دانهون ڪو ٻڌڻ وارو ئي ناھي. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.