قمبر ۾بجلي جي ڪرنٽ مان دوست کي بچائيندي نوجوان فوت

قمبر (ت ر) قمبر ۾بجلي جي ڪرنٽ مان دوست کي بچائيندي نوجوان فوت،رپورٽ موجب قمبر ۾ بجلي ٺاهڻ لاءِ نوجوان فرحان شابراڻي پول تي چڙهيو ته تار ۾ وچڙي ويو،جنهن کي بچائڻ لاءِ علي خان محلي جو رهواسي نوجوان ماجد عرف آرمي هڪڙو به پول تي چڙهي ويو، ٻئي دوست تار ۾ وچڙي سخت زخمي ٿي پيا، قمبر جي سرڪاري اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ سبب ٻنهي نوجوانن کي ِ لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو ته ماجد هڪڙي رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو جڏهن ته سندس دوست فرحان شابراڻي کي اسپتال داخل ڪيو ويو، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. هوڏانهن نوجوان ماجد عرف آرمي هڪڙو جو مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.