ڊگهڙي ڀرسان ڳوٺاڻي طرفان آپگهات ڪوشش، حالت خراب

ڊگهڙي (ت ر)ڊگھڙي ڀرسان ڳوٺ فقير موڙ جي رهواسي رميش ڪولهي زهريلي دوا پي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهنکي سندس وارث شھر جي هڪ عطائي ڊاڪٽر وٽ کڻائي پهتا جتي متاثر شخص  جي حالت وڌيڪ خراب ٿي پئي جنهن بعد متاثر شخص کي تعلقي اسپتال ڊگهڙي ۾ طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد حيدرآباد ريفر ڪيو ويو ذريعن موجب عطائي ڊاڪٽر متاثر شخص جو معدو واش ڪرڻ لاء نلڪي پاس ڪئي جنهن ذريعي پاڻي گڙدن ۾ داخل ٿي ويو جنهنڪري سندس حالت ويتر خراب ٿي پئي.

  • ڊگهڙي ويجهو موٽرسائيڪل سوار کي اڻڄاتل گاڏي جو ٽڪر، زخمي

ڊگھڙي (ن ع آ) ڊگھڙي ويجهو ٽنڊوغلام علي روڊ تي ڊگھڙي شوگرمل لڳ  نامعلوم تيز رفتار گاڏي جي ٽڪر موٽرسائيڪل سوار رامچند ڪولهي سخت زخمي ٿي پيو،اطلاع تي ڊگھڙي پوليس واقعي واري ھنڌ پهچي  زخمي رامچند ڪولهي کي فوري طور تي تعلقي اسپتال ڊگهڙي پهچايو  جتي ڊاڪٽرن طرفان طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد حيدرآباد ريفر ڪيو ويو نامعلوم گاڏي موقعي جو فائدو وٺندي فرار ٿي وئي.

  • ڊگهڙي ۾ حادثي ۾ فوت ٿيل نينگر جي والد ڊمپر ڊرائيور کي معاف ڪري ڇڏيو

ڊگھڙي (ن ع آ) ڊگهڙي شھر ۾ ريلوي ڦاٽڪ تي ڪجھ ڏينهن اڳ ڊمپر جي ٽڪر ۾ فوت ٿيل موٽرسائيڪل سوار پندرنهن ورهين جي عثمان جي والد محمد مجاهد مغل ڊمپر ڊرائيور کي معاف ڪري ڇڏيو،ڊگهڙي پوليس موجب فوتي جي والدين ڏوھ معاف ڪري ڇڏيو آهي جنهن بعد گرفتار ڊرائيور افتخار پٺاڻ ۽ ڊمپر کي پوليس آزاد ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.