ماٿيلي لڳ اغوا ٿيل ٻه ڄڻا آزاد نه ٿيا، وارثن جو احتجاج

ميرپورماٿيلو (رپورٽ : پريم راٺوڙ)  13 ڏينھن اڳ اغوا ٿي ويل ڳوٺ جانڻ واسو جا رھواسي  گلزار احمد واسو ۽ راحب واسو بازياب نه ٿي  سگھيا سندس وارث ميرپورماٿيلو پھچي ايس ايس پي گھوٽڪي جي آفيس آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن شھمير واسو، علي نواز واسو، رشيد واسو ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته 13 ڏينهن اڳ ڳوٺ جانڻ واسو جا رھواسي  گلزار احمد واسو ۽ راحب واسو کي بازياب ڪرائڻ ۾ پوليس ڪي جوڳا قدم ناهن کنيا جنهن سبب وارث سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن، هنن چيو ته ايس ايس پي گهوٽڪي خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي، ٻنهي مغوين کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.