ڪنڌڪوٽ ۾ نينگر سان پيرسن جي مبينا بدفعلي

ڪنڌڪوٽ (ڊ ر) ڪنڌڪوٽ جي غريب آباد واري علائقي ۾ ڇھين ڪلاس جي شاگرد پپو لاشاري کي مبينا بدفعلي جو نشانو بڻايو ويو، الزام  هيٺ آيل 60 سالن جي پيرسن  شيدو عرف شهزادو شيخ کي پوليس گرفتار ڪري نه سگهي. هوڏانهن عبدالڪريم لاشاري، گل بانو لاشاري پنهنجي 12 سالن جي پٽ  پپو لاشاري کي ساڻ ڪري ايس يو پي آفيس پهتا، جتي ايس يو پي جي ضلعي صدر  دلمراد ڏاھاڻي ۽ متاثر خاندان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي الزام لڳايو ته  جوابدار  شيدو شيخ نينگر پپو کي اوطاق تي گھرائي بدفعلي ڪئي، پوليس کي اطلاع  به ڏنو پر اڃا تائين پوليس ڪاروائي نه ڪئي آهي.هنن چيو ته جوابدار ۽ سندس ڌر جا ماڻهو ڌمڪيون ڏئي رھيا آهن، ان ڪري انصاف لاءِ ميڊيا جي مدد سان وس وارن کي اپيل ڪريون تا ته جوابدار خلاف ڪارروئي ڪري انصاف ڪيو وڃي.ٻئي پاسي الزام ھيٺ آيل ڌر به پريس ڪلب پھچي پريس ڪانفرنس ڪئي.ان موقعي تي ڊاڪٽر نثار شيخ، الزام ھيٺ آيل شيدو عرف شھزادو شيخ، سندس ڀيڻ خورشيد خاتون الزامن کي رد ڪندي چيو ته 65 سالن جي بيمار پيرسن مٿان نينگر سان بدفعلي ڪرڻ جو ڪوڙو الزام لڳائي اسان کي پئسن لاءِ بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي.هنن چيو ته  نينگر جي امڙ گلبانو عرف بانو اسان کي بليڪ ميل ڪري رھي آهي، جنهن ڪري اسان ڪورٽ ۾ به پٽيشن داخل ڪرائي آهي، جنهن تي بليڪ ميلر ٽولي اسان جي خلاف ميڊيا ۾ اچي الزام تراشي ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.