ٺٽو (ڊ ر) جھمپير ويجھو لياري واري مڪان ۾ سماجي اڳواڻ حاجي حسن جاکرو جي زمين تي قبضو ڪرڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جو 7 حملي آورن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. جھمپير پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري نھ سگھي.ٻئي طرف حاجي حسن جاکرو تي حملي جي الزام ھيٺ آيل يعقوب پالاري ايڊيشل سيشن جج ٺٽو جي عدالت ۾ حاجي حسن جاکرو خلاف 22 اي جي درخواست داخل ڪرائي جيڪا عدالت رد ڪري ڇڏي.