ڪنڊيارو لڳ موٽر سائيڪل سوارن جي بلڊر تي فائرنگ، احتجاج

نوشھروفيروز/ ڀرياسٽي ( ڊر + ن ع آ ) ڪنڊيارو ڇنڊڻ موري ڀرسان ڀرياروڊ جي سماجي اڳواڻ بلڊر عاشق بروهي، امتياز بروهي، عدنان بروهي مٿان موٽر سائيڪل سوارن جي فائرنگ بلڊر ۽ سندس ساٿي  معجزاڻي طور محفوظ فائرنگ جي آواز تي سوين شهري واقعي واري هنڌ پهچي ويا،  ان سلسلي ۾عاشق بروهي امتيازبروهي احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ٻه سال اڳ  پلاٽ سيد مراد علي شاهه کان خريد ڪيل آهي ۔هاڻي، گلزار سهتو، سبحان گاڏھي،  پپو  ملاح، شڪيل لاکو  ۽ سندس ساٿي ٻن مھينن کان وٺي اسان کي فون ڪي ڀتو پيا گھرن نه ڏيڻ جي صورت ۾   موت مار ڌمڪيون  ڏيندا رهيا،  پنهنجي اسٽيٽ ايجنسي تي ويٺا هياسين اسان مٿان سرعام فائرنگ ڪري ڏني ھنن چيو ته فورن آفيس بند ڪري ھليا وڃو نه ته توھان کي افٽ مارينداسين  ۔هنن چيو ته گلزار سهتو سبحان گاڏي ھاڻي اسان جي پلاٽنگ جي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ چاهين  ٿا اسان کي سندن مان جان خطرو آهي۔ھي چون ٿا پنجاه لک ڀتو ڏيو  اسان آءِ جي سنڌ ڊي آجي شھيد بينظير آباد  ايس ايس پي نوشهوفيروز۽ وس وارن کي اپيل ڪئي آھي تو فورن فائرنگ ۽ ڀتو وصول ڪندڙن ٽولي خلاف ايف آءِ آر درج ڪري گرفتار ڪري اسان کي  تحفظ فراهم ڪيووڃي،  اسان کي ڪجھه به ٿيو ته ان جا ذميوار مٿيان ڀتا خور ھوندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.