قمبر ضلعي ۾ڪارروايون، 4 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

قمبر (ت ر) قمبر ضلعي ۾ منشيات فروشن ۽ اشتهاري جوابدارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، مختلف ٿاڻن جي پوليس ٻن منشيات فروشن ۽ هڪ اشتهاري سميت چئن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي. جوابدار منٺار ٽوٽاڻي کان وارهه پوليس پنج ڪلو چرس ۽ موٽر سائيڪل، شهدادڪوٽ ٿاڻي جي  اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس لکمير سومرو کان يارنهن سئوگرام چرس هٿ ڪري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي جڏهن ته بهرام جي پوليس دودو لنجواڻي کي رپيٽر ڪارتوسن سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي. حمل ٿاڻي جي پوليس ڪرم چولياڻي کي گرفتار ڪري ورتو، جيڪو نون سالن کان قتل جي ڪيس ۾ اشتهاري هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.