ڪراچي: نينگر کي بدفعلي بعد قتل ڪندڙ 2  جوابدار گرفتار

پوليس نيو ڪراچي ۾ نينگر سان بدفعلي ۽  قتل ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

ڊي آءِ جي ويسٽ ناصر آفتاب پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايس ايس پي سينٽرل جي سربراهي ۾ ٽيم جوابدارن جو پتو لڳايو، جوابدارن جي ٽئين ساٿي کي اڳ ئي منشيات وڪري جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، جيڪو جيل ۾ آهي، جوابدار نديم کي جيل مان ئي ان ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويندو.

ناصر آفتاب موجب مقتول نينگر جي جاچي سان گهٽي ۾ ويهڻ تان جهيڙو ٿيو، جوابدار پلاند جي باهه ۾ منصوبو جوڙيو ۽ جوابدار عامر اقبال پنهنجي ٻن ساٿين سان گڏجي نينگر کي اغوا  ڪيو.

پوليس ٻڌايو ته جوابدار ابدال شاهه جي مزارتي پهتا،جتي هنن نشو ڪيو ۽ بعد ۾ نشي واري حالت ۾ 7 ورهين جي نينگر کي زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ پڪڙجڻ جي خوف سبب هنن نينگر کي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب جوابدارن جا ڊي اين اي جزا چڪاس جي لاءِ اماڻيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.