اليڪشن ڪميشن ٻيهر اي وي ايم مشين تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن هڪ دفعو ٻيهر اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.

اليڪشن ڪميشن پنهنجي خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته خدشو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين هيڪ ۽ جام ٿي سگھي ٿي.

ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر ۽ سينيٽر شيري رحمان اليڪشن ڪميشن جي خدشن تي حڪومت کان اليڪشن ڪميشن ۽ اپوزيشن پارٽين جي اعتراضن تي جائزو وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

سندس چوڻ آهي ته تجربن کان بنا عام چونڊيون اليڪشن ووٽنگ مشين ذريعي ڪرائڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.

ياد رهي ته حڪومت اسلام آباد ۾ اليڪشن ووٽنگ مشين ذريعي مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.