گورنر جي وزير اعظم سان ملاقات، سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي بريفنگ

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) گورنر سنڌ عمران اسماعيل وزير اعظم سان ملاقات ڪئي، ان دوران سنڌ جي ترقياتي ڪمن سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات دوران گورنر سنڌ وزير اعظم کي سنڌ حڪومت جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.

وزير اعظم عمران خان وفاقي وزير اسد عمر سان گڏجي صوبي ۾ جاري سمورن ترقياتي اسڪيمن تي ڪم تيزي سان ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

واضح رهي ته ان کان اڳ وزير اعظم عمران خان اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو هو ته ننڍا ڪاروبار ڪندڙ ماڻهن جي لاءِ سهولتون پيدا ڪري رهيا آهيون، ماضي ۾ ننڍا ڪاروبار ڪندڙ ماڻهن کي بينڪون قرض نه ڏينديون هيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.