ڄامشورو: مهراڻ يونيورسٽي ۾ عالمي ڪانفرنس، ماهرن پاران تجويزون پيش

ڄامشورو جي مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ توانائي، ماحوليات ۽ پائيدار ترقي  جي عنوان هيٺ 6هين عالمي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي آهي، جيڪا ٽن ڏينهن تائين جاري رهندي.

مهراڻ يونيورسٽي جي واٽر سينٽر جي آڊيٽوريم ۾ سالياني طور ڪوٺايل ڇهين عالمي ڪانفرنس ۾ يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر اسلم عقيلي، پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي، ضياالدين يونيورسٽي ڪراچي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عرفان حيدر، ائير ڪمانڊر (ر) نيئر قيوم خواجه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ڪانفرنس ۾ ماحوليات، توانائي،ترقي جي محققن ۽ ماهرن پنهنجي پنهنجي مقالن ذريعي تجويزون پيش ڪيو، جڏهن ته ڪانفرنس ۾ برطانيا، ترڪي، ملائيشيا ۽ ٿائلينڊ جي پرڏيهي اسڪالرن پڻ حصو وٺي پنهنجا مقالا پيش ڪيا.

ان موقعي تي ماهرن جو چوڻ هو ته پائيدار ترقي لاءِ ترقي پذير ملڪن، خاص طور پاڪستان کي توانائي ۽ ماحوليات جي معاملن کي فوقيت ڏيڻي پوندي.

سندن چوڻ هو ته پاڻي جي کوٽ ۽ کاڌ خوراڪ جو تحفظ ٻه اهڙا معاملا آهن جن جي تحفظ ۽ مناسب استعمال تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان کي توانائي تي وڌيڪ ڀاڙڻ کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته اصلوڪا ۽ روايتي طريقا اختيار ڪيا وڃن .

ماهرن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ۾ اهڙا ماڊل لاڳو ڪيا وڃن جن سان ننڍي مدي ۽ مستقبل ۾ ترقي رهي، اهائي پائيدار ترقي جي مڃيل وصف آهي، جڏهن ته پاڪستان اندر ماحوليات، معيشت ۽ سماجي ترقي لاءِ ضروري آهي ته توانائي جي تحفظ تي سيڙپ ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.