ڄام شورو: سنڌ ادبي بورڊ ۾ جديد لائبريري جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو

ڄام شورو  ۾سنڌ ادبي بورڊ جي هيڊ آفيس ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نالي سان جديد لائبريري جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو،

سنڌي ادبي بورڊ جي هيڊ آفيس ۾ چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نالي سان جديد لائبريري جي پيڙهه جو پٿر رکيو.

ان موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو سنڌي ادبي بورڊ سان پراڻو واسطو هو، لائبريري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نالي سان قائم ڪرڻ خواب هو، جنهن جي ساڀيان جي ڪوشش ڪئي آهي،

هن چيو ته جديد ڪمپيوٽرائزڊ لائبريري ٺهڻ سان اديبن، دانشورن ليکڪن ۽ ريسرچ اسڪالرن سميت نوجوانن لاءِ نوان دڳ کلندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.