ميرپور ماٿيلو:”ڊي ايڇ ڪيو“ اسپتال ۾ تقريب، انتظام گمس اسپتال گمبٽ حوالي

ميرپور ماٿيلي ۾”ڊي ايڇ ڪيو“ اسپتال کي گمس اسپتال گمبٽ جي حوالي ڪرڻ بابت تقريب ڪوٺائي وئي.

”ڊي ايڇ ڪيو“ اسپتال ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ ڊائريڪٽر گمس اسپتال ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي، ڪمشنر سکر شفيق مهيسر، ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي عثمان عبدالله، ايس ايس پي گھوٽڪي اظھر مغل سميت سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحت کاتي جي عملدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ميرپورماٿيلو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جا انتظام گمس اسپتال گمبٽ حوالي ڪئي ويا.

تقريب کي خطاب مقررن چيو ته ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپورماٿيلو جا انتظام گمس حوالي ڪرڻ ھڪ بھترين قدم آھي جيڪو، ايم پي اي  عبدالباري خان پتافي جي ڪوششن سان مڪمل ٿيو آهي.

گمس اسپتال جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هنن جي ڀرپور ڪوشش ھوندي ته ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپورماٿيلو کي ھڪ بھترين ادارو بڻائي ھرقسم جي کوٽ پوري ڪئي وڃي.

ياد رھي ڪجھ ڏينهن اڳ سيڪريٽري صحت پاران ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپورماٿيلو جا انتظام گمس حوالي ڪرڻ بابت ليٽر جاري ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ھو اڄ باقائدہ طور اسپتال کي گمس جي انتظاميا حوالي ڪيو ويو آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.