ميهڙ: مقتول واپاري جي وارثن جو ٻئي ڏينهن به جوابدارن جي گرفتار لاءِ احتجاج

ميهڙ ۾ مبينا ڦر دوران مارجي ويل واپاري جي وارثن پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مقتول واپاري غُلام عباس چانڊيو جي وارثن ٻئي ڏينهن به مصطفي، نصرالله، ھاشم چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته سندن نوجوان غلام عباس چانڊيو کي گنجاموري ڀرسان زرعي زمين کان واپس موٽندي ڦر دوران قتل ڪيو ويو، واقعي جو ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس اڃا تائين مک جوابدار گرفتار ناهن ڪيا،جيڪا ساڻن ناانصافي آهي.

هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان گھر ڪئي ته مقتول غلام عباس چانڊيو جي قتل ۾ ملوث مک جوابدارن کي گرفتار ڪري سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.