نوشهروفيروز: قتل جو نبيرو، الزام هيٺ آيل جوابدارن لاءِ ڏنڊ  ۽ نيڪالي جي فتويٰ

نوشھرو فيروز ويجھو سڱاوتي تڪرار تان مارجي ويل نوجوان جي خون جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي الزام هيٺ آيل ٻن جوابدارن تي 50لک ڏنڊ مڙهي کين ڳوٺ نيڪالي جي فتواع ڏني وئي.

ست مهينا اڳ گوليون هڻي قتل ڪيل نوجوان نادر علي سولنگي جي خون جو نبيرو ڳوٺ مولهڻ ۾ پي پي اڳواڻ اصغر سولنگي، انجنيئر رحمت الله سولنگي ۽ نواب خان سولنگي جي سرپنچي هيٺ ٿيو.

مقتول نوجوان نادر علي سولنگي کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي الزام هيٺ آيل جوابدار غلام رسول منٺار ۽ نظام سولنگي مٿان 50 لک روپيا ڏنڊ مڙھي کين ڳوٺ نيڪالي جي فتويٰ ڏني وئي.

الزام هيٺ آيل ڌر ڏنڍ جي رقم ٻن قسطن ۾ ادا ڪندي، جنهن کانپوءِ متاثر ڌر جوابدارن تي داخل قتل ڪيس تان هٿ کڻندي.

ياد رهي ته ڳوٺ ڀوپائي سولنگي ۾ ست مهينا اڳ نوجوان نادر علي سولنگي کي سڱاوتي تڪرار تان گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، جنهن جي قتل ڪيس ۾ الزام هيٺ آيل ٻئي جوابدار منٺار ۽ غلام رسول سولنگي سينٽر جيل سکر ۾ قيد آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.